ڀليڏنو ڀنڀرو

ڀليڏنو ڀنڀرو: مشهور ملهه پهلوان ڀليڏنو ولد محمد حسن ڀنڀرو ڳوٺ معروف ڀنڀري تعلقي، هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ معروف ڀنڀري مان حاصل ڪيائين. 1969ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان، 1973ع ۾ ٻارهين جماعت جو امتحان سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان پاس ڪيائين. 1975ع ۾ هن گريجوئيشن ۽ 1978ع ۾ ايم.اي (معاشيات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. 29 آڪٽوبر 1976ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان پهريون ڀيرو ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ هن بلوچستان ۾ منعقد ٿيل ملاکڙي ۾ ڪئپٽن جي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽي جي نمائندگي ڪئي ۽ پنهنجي ٽيم کي سوڀ ڏياري. 1982ع ڌاري ’ڪل سنڌ ملاکڙو‘ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو، ان موقعي تي ملهن جي تنظيم ٺاهي ويئي، جنهن ۾ کيس ان تنظيم جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، هيءُ سنڌ ملهه ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. 1983ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن ۾ 1984ع ڌاري ليگ افيئرس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ۽ 1985ع ۾ اسپورٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ٿيو. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت ۾ هن پنهنجي ڳوٺ معروف ڀنڀري لاءِ هالا مين روڊ تائين پڪو رستو ٺهرايو. هن ڪيترن ئي مستحق شاگردن کي وظيفا ڏياريا ۽ ٻيا به ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا. هن اسپورٽس ڪميٽيءَ طرفان ڪيترائي ملاکڙا منعقد ڪرايا ۽ سنڌ ملهه ايسوسيئيشن کي ضلعي ڪائونسل ۾آفيس ڏياري. اڄڪلهه هيءُ پنهنجي ڳوٺ ۾ زمينداريءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ سنڌ ملهه ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو